ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي

ٺٽوي ، غلام مرتضيٰ شاهه ” مرتضائي “ ( 1853ع-1905ع ):مير غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد روشن شاهه مهدوي رضوي تخلص ” مرتضائي “ ، پنهنجي دور جي بزرگ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو . سندس خاندان ۾ ڪيترائي نامور شاعر ۽ بلند مرتبه شخصيتون ٿي گذريون آهن ، جھڙوڪ ( 1 ) نواب مير لطف علي خان ” همت “ ، جيڪو مغلن جي طرفان ٺٽي جو نواب هو ، ( 2 ) نواب مير ڪمال الدين احمد خان صاحب ، ( 3 ) ” اصلاحات رضويه “ ۽ شرح ديوان حافظ ، مير غلام مرتضيٰ ” الهام “ ، ( 4 ) مير نجم الدين ” عزلت “ پارسيءَ جو مشهور شاعر ۽ صاحبِ ديوان ، مير پٺو سنڌي ۽ پارسي جو شاعر هو ، ( 5 ) سيد موٽيل شاهه ” ڪمتر “ پارسيءَ ، اردو ۽ سنڌيءَ جو شاعر هو ، ( 6 ) مير سيد روشن علي شاهه ” روشن “ مرتضائيءَ جو والد پارسيءَ جو شاعر هو . مرتضائيءَ جا وڏا خراسان مان لڏي اچي بکر ۾ رهيا هئا ، تنهنڪري هي بکري سيد به سڏبا آهن . هن خاندان جو سيد محمد يوسف شاهه خدا رسيدهه بزرگ هو ، جيڪو مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ اچي ٺٽي ۾ مڪليءَ تي رهيو هو . شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري سندس صحبت مان فيض حاصل ڪيو . سيد محمد يوسف جو ناٺي سيد اسحاق شاهه جي پير ” پيرڏيهي “ جي نالي سان مشهور هو ، اهو به هڪ وڏو درويش ٿي گذريو آهي . ان جي ستين پيڙهيءَ مان سيد ذوالفقار علي شاهه هو ، ميرن جي دور ۾ نائب وزير هو . انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ دوستيءَ جو جيڪو عهدنامو ٿيو هو تنهن تي سنڌ جي حڪومت پاران نائب وزير جي حيثيت ۾ هن ئي دستخط ڪيا هئا .
سيد ذوالفقار علي شاهه ، مرتضائيءَ جو ڏاڏو هو . مرتضائيءَ جو والد انگريزن جي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ پهريان ڪراچيءَ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پوءِ ڪليڪٽرجي آفيس ۾ منشي هو ۽ پوءِ مختيارڪار ٿيو . هو پارسيءَ جو سٺو شاعر هو . پهريان ” روشن “ تخلص ، پوءِ ” رضوي “ تخلص اختيار ڪيائين . مرتضائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم امام بخش شاهه ” فدوي “ ۽ قاضي علي محمد تخلص ” فقير “ کان حاصل ڪئي ، جيڪو مخدوم ابراهيم ” خليل “ جو شاگرد ۽ مريد هو . فدوي مرتضائيءَ جو عزيز ۽ سندس والد جو گھرو دوست هو . فدويءَ جي ديوان ۾ مرتضائي ۽ سندس والد روشن علي شاهه جي تعريف ۾ ڪيترا غزل ملن ٿا . مرتضائي شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد به فدويءَ کي ورتو هو . جيڪو پارسي ۽ خاص طرح سنڌي غزل جو وڏو شاعر هو . سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته اهو ” فدوي “ جي صحبت جو اثر ئي هو ، جو مرتضائيءَ جو چاهه پارسيءَ بدران سنڌي غزل سان ٿيو . هن پنهنجي استاد جي ڪيترن غزلن جي تضمين تي غزل پڻ لکيا آهن .
مرتضائيءَ ٻه شاديون ڪيون هيون ، پهرئين گھر مان کيس سيد حسين بخش نالي فرزند ڄائو . پهرين گھر واريءَ جي وفات کان پوءِ هن ٻي شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻيو فرزند روشن علي نالي پيدا ٿيو .
مرتضائي جي وفات جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي ٿئي ، سمجھجي ٿو ته هن 1905ع ڌاري وفات ڪئي ۽ کيس مڪلي ٽڪريءَ تي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو . مرتضائي جي تصنيفات ۾ ( 1 ) مثنوي يوسف زليخا ( ڇپيل هريسنگ پريس سکر ) ، ( 2 ) سڪندر نامو ( ڇپيل هريسنگ پريس سکر ) ، ( 3 ) شاهه نامه فردوسي جي ڪن حصن جو ترجمو ، ( 4 ) طوطي نامو ، ( 5 ) ڪريما نيچري ، ( 6 ) ديوان مرتضائي ، ( 7 ) فارسي ڪتاب نورالهديٰ جو ترجمو ۽ ( 8 ) مرثيه مشهور آهن . سندس ديوان تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري پاران 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1853.00.00  عيسوي

ميرغلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد روشن شاهه مهدوي رضوي 1853ع ۾ ڄائو


1905.00.00  عيسوي

ميرغلام مرتضيٰ شاهه 1905ع ڌاري وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيلي
ضياء خياروي
آصف مٺياڻوي
بهاؤالدين
جيوڻ لال
محمد اسماعيل سومرو منصور
پلي محمد امين خليفو
پرديپ
راهي ڍولڻ
فقير لطف علي دايو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون